نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو 79هون ساليانو اجلاس شروع ٿي ويو. ڪالهه اڱاري ڏينهن افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس دنيا جو ڌيان غزه ۾ جاري ظلمن طرف ڇڪرايو. هن چيو ت?? غزه ۾ بنا رڪاوٽ بمبار?? هڪ ڊيڄاريندڙ خواب آ??ي، فلسطينين جي خلاف گڏيل سزا بنا جواز آهي. انتونيو گوتريس چيو ت?? ڇڪتاڻ ۽ تشدد ۾ اضافي جي ڪري هاڻي لبنان به جنگ جي ويجهو آ??ي، لبنان ک?? هڪ ٻيو غزه نه بڻجڻ گهرجي. هن چيو ت?? سزا کان ڇوٽ ۽ اڻبرابري جا رجحان دنيا جي لاءِ وڌندڙ خطرو آهي. دنيا ۾ سزا کان ڇوٽ جو رجحان سياسي ۽ اخلاقي لحاظ کان ناقابل برداشت آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو چوڻ هو ت?? عالمي برادري غزه ۾ ??ور?? جنگبندي جي لاءِ گڏيل قدم کڻي ۽ ٻه رياستي حل کي ڪامياب بڻائي.