اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته صدر پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن، آرڊيننس سان عدالتي عمل ۾ وڌيڪ شفافيت ايندي، ڪيسن جي ٻڌڻي مقرر مدي وقت تي ٿيندي، جيڪو ڪيس اڳ ۾ ايندو ان جي ٻڌ??ي به اڳ ۾ ٿيندي، سمورا سڌارا عو??م جي مفاد کي نظر ۾ رکندي ڪئي وئي آهي. خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڄ چين جي روئي گروپ جي چيئرمين سان ملاقات ٿي. ان موقعي تي پاڪستان حڪومت ۽ چين جي روئي گروپ جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ٿيون جنهن تحت روئي گروپ پاڪستان ۾ ٽيڪسٽا??يل پارڪس قائم ڪندو. هن چيو ته روئي گروپ اڳ ۾ ئي 21 مهينن جي رڪارڊ مدي ۾ سي پيڪ تحت ساهيوال ڪول پراجيڪٽ مڪمل ڪري چڪو آهي. وفاقي وزير چيو ته هاڻي روئي گروپ پاڪستان جي اندر ٽيڪسٽا??يل پارڪس قائم ڪندو، اهي ٽيڪسٽا??يل پارڪس سنڌ ۽ پنجاب ۾ قائم ڪيا ويندا. هن چيو ته وزيراعظم جي موجودگي ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ٿيون جنهن تحت چين جو اهو وڏو گروپ ٽيڪسٽا??يل پارڪس ۾ چين جي 100 کان وڌيڪ ڪمپنين کي ٽيڪسٽا??يل يونٽس لڳائڻ جي دعوت ڏيندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته روئي گروپ پهرين مرحلي ۾ 2 رب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندو جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ 5 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي ويندي، مجموعي طور تي 7 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ٿيندي. هن چيو ته ٽيڪسٽا??يل پارڪس ۾ هول سيل سينٽرز پڻ قائم ڪيا ويندا، مقامي طور تي 3 کان 5 لک ماڻهن کي روزگار جا موقعا ملندا ۽ پاڪستان جي برآمدات ۾ پڻ اضافو ٿيندو. هن چيو ته اڳ ۾ ئي اسان جي برآمدات ۾ 14 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ ٿيو آهي، رڪارڊ پرڏيهي ناڻو پاڪستان آيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف معاشڊي ترقي جو سفر جاري رکيو آهي. وفاقي وزير چيو ته روئي گروپ پاران ٽيڪسٽا??يل پارڪس قائم ڪرڻ سان پاڪستان ٽيڪسٽا??يل جو حب بڻجي ويندو ۽ پوري دنيا ۾ پاڪستان جي ٽيڪسٽا??يل مصنوعات جي برآمدات ٿيندي. پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ بابت ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجرز آرڊيننس تي صدر صحيحون ڪري چڪو آهي، وفاقي ڪابينا سرڪيوليشن سمري جي ذريعي ان آرڊيننس جي منظوري ڏني هئي. هن چيو ته ان آرڊيننس تحت 184 (3) ۾ ايندڙ ڪيسز جو لکت طور ٻڌائڻو پوندو ته اهو عوامي اهميت جو معاملو ڇو آهي؟ ان حوالي سان هڪ باقاعده آرڊر جاري ڪيو ويندو ته 184 (3) تحت ڪو ڪيس ورتو ويو آهي ته ان ۾ ڪهڙي اهڙي ڳالهه آهي جو اهو عوامي اهميت رکندڙ ڪيس آهي. هن چيو ته آرڊيننس تحت 184 (3) جو جيڪو به آرڊر سپريم ڪورٽ وٽ ويندو، ان جي خلاف اپيل جو حق به ڏنو ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته ان آرڊيننس تحت جج ڪيس دوران جيڪا به ڳالهه ڪندا، ان جو متن لکيو ويندو ۽ اهو متن عو??م جي لاءِ دستياب هوندو، ان سان عدالتي عمل ۾ وڌيڪ شفافيت ايندي ۽ ماڻهو باقاعده ڏسي سگهندا ته ڪيس دوران ڪهڙا ريمارڪس پاس ڪيا ويا. هن چيو ته آئيني پئڪيج ۾ به عوام کي سهولت ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي هئي. هن چيو ته آرڊيننس تحت هر ڪيس کي مقرر وقت تي ٻڌو ويندو، جيڪو ڪيس اڳ ۾ ايندو ان جي ٻڌڻي اڳ ۾ ٿيندي، بعد ۾ ايندڙ ڪيس جي ٻڌ??ي به بعد ۾ ٿيندي، اهو نه ٿو ٿي سگهي ته بعد ۾ ايندڙ ڪيس اڳ ۾ ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪيو وڃي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تحت هڪ ڪميٽي جوڙي وئي هئي جنهن ۾ طئي ڪيو ويو هو ته چيف جسٽس ان جي قيا??ت ڪندو ۽ اعليٰ عدليه جو جج ۽ ٿرڊ سينيئر ترين جج ان ۾ موجود هوندو ۽ اها ڪميٽي ڪيسز کي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪندي. ان ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي، چيف جسٽس ڪميٽي جي سربراهي ڪندو، اعليٰ عدليه جا جج ان جا ميمبر هوندا ۽ ٽئين ميمبر جي لاءِ چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جي ججز مان ڪنهن هڪ کي وقت بوقت شامل ڪري ڇڏيندو، ان جو سبب اهو آهي ته اڪثر ٽئين ميمبر جي عدم دستيابي جي ڪري ڪيسز دير جو شڪار ٿيندا هئا. هن چيو ته 63 اي جو نظرثاني ڪيس اڄ تائين التوا جو شڪار آهي، اهو ڪيس ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ئي نه ٿي سگهيو، اهو قومي نوعيت جو معاملو آهي، ان تي نظرثاني جي حوالي سان ڪو نه ڪو فيصلو اچڻ گهرجي ها، اهو آئين ۽ پارليامينٽ جي بالادستي ۽ ملڪ ۾ انصاف جي نظام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ضروري آهي. هن چيو ته اهي سمورا سڌارا ۽ ترميمون عو??م جي مفاد کي نظر ۾ رکندي ڪيون ويون آهن ۽ ان سان عدالتي عمل وڌيڪ شفاف ٿيندو. صدر آرڊيننس تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن جيڪو اهم سنگ ميل آهي. ان سان عام پاڪستاني جي زندگي ۾ بهتري ايندي ۽ عدليه ۾ التوا جو شڪار ڪيسز کي اڪلائڻ ۾ مدد ملندي جڏهن ته دنيا ۾ اسان جي عدليه جي رينڪ پڻ بهتر ٿيندي.