اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪس??ان اولهندي ڪناري جي شهر جنين ۽ طلڪرم ۾ پناهگيرن جي ڪئمپن تي اسرائيلي قابض فوج جي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ وڏي انگ ۾ انساني جانين ??و زيان ?? شهري انفراسٽرڪچر جي وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسرائيلي قابض فوج پاران فوجي طاقت جو انڌاڌنڌ استعمال عالمي انساني قانونن ۽ بنيادي اصولن جي خ??اف ورزي آهي. ترجمان چيو ته پناهگيرن جي ڪئمپن ۾ پناهه وٺندڙ ماڻهن کي نشانو بڻائڻ اسرائيلي قابض فوج پاران عالمي انساني قانون جي هڪ ٻي خ??اف ورزي آهي، اهو عالمي قانون ۽ شائستگي جي بنيادي اصولن ۽ قابل قبول عالمي رويي جي توهين کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪس??ان انهن حملن کي فوري طور تي روڪڻ جو مطالبو ڪري ٿو جيڪي اولهندي ڪناري ۾ ڪيا پيا وڃن. ترجمان چيو ته جارحيت جي ذريعي پائيدار امن جو رستو حاصل نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها اسرائيلي قابض فوج کي شهرين ??ي خ??اف وڌيڪ ??ملن کان روڪڻ، اسرائيل کي ان جي جنگي ڏوهن جو ذميوار قرار ڏيڻ ۽ فلسطيني عوام جي تحفظ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.