لاهور-21 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز ايران ۾ پاڪستاني زائرين جي بس جي افسوسناڪ حادثي ۾ قيمتي انساني جاين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن جاري ڪيل پنهن??ي تعزيتي ب??ان ۾ هن فوتين جي ڪٽنبن سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ايران ۾ بس حادثي ۾ فوت ٿيل پاڪستاني زائرين جي خاندانن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهيان، ان افسوسناڪ خبر سڄي ملڪ کي ڏک??ئي ڇڏيو آهي، ڏک جي ان گهڙي ۾ متاثر خاندانن سان گڏ آه??ان. هن دعا ڪئي الله تعالي فوت ٿيلن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ جاءِ عطا فرمائي ۽ سوڳوار خاندانن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ ??ي توفيق ڏئي. هن فوتين جي بلند درجن ۽ زخمين جي جلد صحيتابي لاءِ به دعا ڪئي.