اسلام آباد- 23 آگسٽ (اي پي پي) تعليم بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته اسان تي جيڪي تعليمي ذميواريون آهن ا??هن تي گڏجي ادا ڪرڻو پوندو، وقت جي تبديل ٿيندڙ گهرجن مطابق ٽيڪنالوجي جو استعمال اسانجي پهرين ترجيع آهي. جمعي تي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي وفاقي تعليمي بورڊ جي ان??ظا?? هيٺ انٽرميڊيئيٽ پارٽ ون ۽ پارٽ ٽو جي نتيجن جي اعلان جي تقريب جو خاص مهمان هو. تقريب کي خطاب ڪندي هن ڪامياب ٿيل شاگردن جي والدين ۽ استادن کي مبارڪون ڏنيون ۽ وفاقي تعليم بورڊ کي تعليمي نتيجا وقت سر جوڙڻ لاءِ سندن ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته اهڙيون تقريبون پاڪستان لاءِ هوا جو جهونڪو آهن . اسانجا نوجوان باصلاحيت آهن ۽ سندن اها ڪاميابي قوم جي ڪاميابي آهي. هن چيو ته پاڪستان هن وقت پنهنجي تاريخ جي هڪ اهم موڙ تي آهي. هن چيو ته پاڪستان ا??هن خوش قسمت ملڪن ۾ شامل آهي جتي آبادي جو وڏو حصو نوجوانن تي ٻڌل آهي، اسانجي ملڪ جي آبادي جو 15 کان 18 ڪروڙ حصو نوجوانن تي ٻڌل آهي. هن چيو ته اسان کي ا??هن نوجوانن کي زندگي جي هر شعبي اڳتي وڌائڻو آهي ۽ ا??هن ئي نوجوانن جي مدد سان اسان ترقي ڪري سگهون ٿا. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته نوجوان اسانجو مستقبل آهن ۽ اهو يقين سان چوان ٿو ته اسانجو اهو مستقبل روشن آهي. هن چيو ته دنيا ۾ ٽيڪنالوجي وڏي تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي ۽ اسانکي به وقت جي گهرجن ??ي نظر ۾ رکندي ٽيڪنالوجي جو صحيع استعمال سکڻو هوندو. هن چيو ته اڳتي وڌڻ جو واحد رستو ٽيڪنالوجي جو استعمال آهي. تقريب ۾ اسيمبلي ميمبرن پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن، سندن والدين، استادن، ??زارت تعليم ۽ تعليمي بورڊ جي اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي.