اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) خيبر پختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ڪالهه وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ملاقات ڪئي ??نه?? دوران ٻنهي اڳواڻن ڪرم جي واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي مستقبل ۾ ان قسم جي واقعن جي خاتمي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.گذريل ڏينهن ڪي پ?? ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي گهرو وزارت ۾ وفاقي گهر وزير محسن نقوي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪي پ?? ڪي جي صورتحا??، امن امان ۽ ڪرم جي افسوسناڪ واقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ان موقعي تي گهرو وزير محسن نقو?? ڪي پ?? ڪي ۾ امن امان لاءِ هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو،گهرو وزير چيو ته ڪي پ?? ڪي ۾ امن امان قائم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، ڪرم ۾ زمين جي تڪرار تي انساني حياتين جو نق??ان افسوس جوڳو آهي،اسان جي ڪوشش آهي ته ڪرم سميت ڪي پ?? ڪي ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻايو وڃي. فيصل ڪريم ڪنڊي امن لاءِ سهڪار تي گهرو وزير محسن نقوي جو شڪريو ادا ڪيو.