اسلام آباد-31 جو??اء?? (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته چين جي حڪومت جي سهڪار سان بلوچستان ۾ ”شي پاور“ منصوبي جي شروعات واکاڻ جوڳي آهي، منصوبو پاڪستان ۽ چين جي مضبوط بنيادن تي هموار دوستي جو هڪ ٻيو زنده مثال آهي. چيني سفارتخاني ۾ بلوچستان جي عورتن جي صحت جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسڪولن جي ڇوڪرين ۾ 20 هزار هيلٿ ڪٽس ورهائڻ سان نه رڳو صحت سان ڳنڍيل معاملن کان واقفيت وڌندي پر اها ٻارڙين جي پرورش ۾ به مددگار ثابت ٿيندي. صحتمند ۽ تعليم يافته ع??رتون خوشحال ۽ ترقي يافته معاشري جو بنياد آهن. هن چيو ته اسپيڪر طور مون هميشه ع??رتن ۽ ٻارن جي حقن ۽ تحفظ ??اء?? قدم کنيا آهن. عورتن کي قومي ڌارا ?? آڻڻ ??اء?? قانونسازي سان گڏ پارلياماني ويمن ڪاڪس، ايس ڊي جيز ٽاسڪ فورس، جينڊر مين اسٽريمنگ بابت پارلياماني ڪميٽي جو قيام عمل ۾ آندو. پاڪستان ۽ چين هميشه هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. چين پاڪستان جي معاشي ۽ سماجي ترقي ۽ خوش??ال?? ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پاڪ -چين اقتصادي راهداري منصوبو ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي ۾ واڌ خوش آئنده آهي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان هن دوستي کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ ??اء?? پرعزم آهي. پاڪستان ۽ چين هميشه دنيا ۾ امن کي هٿي ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. بلوچستان منهنجي دل جي ويجهو آهي. بلوچستان جي عوام کي درپ??ش مسئلن جو حل هميشه ترجيحن ۾ رهيو آهي. پاڪستان جي ترقي بلوچستان جي ترقي سان ڳنڍيل آهي. بلوچستان جي ترقي ۽ خوش??ال?? ??اء?? چين جو سهڪار واکاڻ جوڳو آهي. چيني سفير جيانگ زائيڊنگ تقريب ۾ شموليت تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو ٿورو مڃيو.