اسلام آباد – 30 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ( اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين کي سڄي ملڪ ۾ سانوڻي جي برساتن سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ سمورا ضروري قدم کڻڻ جي ??دايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ٽيليفون تي اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ کي برساتن سان ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ، صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ ڊپارٽمينٽس، آزاد ڪشمير اسٽيٽ ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ گلگت بلتستان ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي سان رابطو وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۽ برساتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ کان متاثر رستن کي بحال ڪرڻ جي حوالي سان تيز ترين قدمن جي ??دايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته متاثر علائقن ۾ علاج جي سمورين سه??لتن ۽ امدادي سامان سميت دوائن ۽ ٻين ضروري ??ين جي ??راهمي کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم سانوڻي جي برساتن ۽ ان ڏس ۾ پيدا ٿيندڙ ٻوڏ واري صورتحال جي ??تيجي ۾ ٿيندڙ فوتگين تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ فوت ٿيندڙن جي بلند درجن جي ??اءِ دعا ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم برساتن سبب حادثن ۾ زخمي ٿيندڙن کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي ??ڻ هدايت ڪئي.