ڪوئٽا -05 آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي، ته 5 آگسٽ 2019ع تاريخ جو اهو ڪارو ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن هندو انتهاپسند پارٽي بي جي پي ڀارتي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 (اي) کي ختم ڪندي ڪشمير جي خاص حيثيت جو خاتمو ڪيو. هن يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير تي ڀارتي ظلمن جو نه رڪجندڙ سلسلو جاري آهي، جنهن ۾ لکين بيگناهه ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو. ڄمون ڪشمير جي خاص حيثيت کي ختم ڪندي ڪشميرين جون زمينون کسي اتي ا??تهاپسند هندن کي آباد ڪيو پيو وڃي، مسلمانن جي اڪثريت کي ا??ليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪو??ش ڪئي پئي وڃي ۽ ڪشميرين جي زندگين کي ڏکيو بڻايو پيو وڃي. وڏي وزير چيو ته عالمي برادري کي ڀارتي رياستي ادارن جي ظلم ۽ ڏاڍ جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن ??طابق ڪشميرين کي سندن خودمختياري وارو حق ڏنو ڃي. وڏي وزير پاڪستانين کي ا??يل ڪئي ته هو يوم استحصال ڪشمير تي پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان ڀرپور يڪجهت?? جو اظهار ڪن ۽ مظلوم ڪشميري ڀائرن جو آواز بڻجن.