لاهور -04 آگسٽ (اي پي پي) اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين علامه ڊاڪٽر راغب حسين نعيمي چيو آهي، ته پوري پاڪستاني قوم ڪشميري عوام سان گڏ آهي، ڀارت جو ڪشمير تي غاصباڻو قبضو گهڻي دير ت??ئي?? نه رهندو. انهن خيالن جو اظهار هن يوم استحصال تي جاري پنهنجي هڪ پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته ڀارت کي 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني قدمن کي واپس وٺڻو پوندو، پاڪستان حڪومت ۽ عوام ڪشميري ڀائرن جي خوداراديت واري حق جي جدوجهد ۾ انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن، مودي جي ظلمن ۽ ڏاڍ کي سمورن عالمي فورمن تي بي نقاب ڪندا رهنداسين. والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد کي ختم نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته ڪشمير مسئلو گذريل 76 سالن کان حل طلب آ??ي ۽ ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪري??ن ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر راغب حسين نعيمي چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن مطابق ۽ ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق حاصل ڪرڻ ت??ئي?? انهن جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.