اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي ز??داري سلطنت عمان جي گادي واري شه?? مسقط ۾ امام بارگاهه تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي ز??داري واقعي ۾ ق??متي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ اسان جون همدرديون مارجي ويلن جي پونئيرن ۽ عمان جي عوام سان گڏ آهن. صدر واقعي ۾ مارجي ويل پاڪستاني شه??ين جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ انهن جي پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.