اسلام آباد-11 جون (اي پي پي)پاڪستان ۾ 31 م??رچ 24ع تائين رجسٽرڊ ٽي وي سيٽ هولڊرز ??و انگ 2 ڪروڙ 51 لک 84719 آهي، پاڪستان ٽيليويزن جي ٻن پي ايس ڊي پي رٿائن لاءِ مالي سال 24-2023ع ۾ 204.650 ملين رپيا مختص ڪيا ويا. جاري ڪيل پاڪستان اڪنامڪ سروي 24-2023ع مطابق پي ٽي وي واحد سرڪاري ??عبي جو براڊ ڪاسٽنگ چينل آهي جيڪو ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ خاص طور تي پٺتي پيل علائقن ۾ قومي ۽ عالمي پروگرام نشر ڪري ??هيو آهي ته جيئن عوام کي ملڪ جي موجوده حالتن کان باخبر رکي سگهجي. پي ٽي عوام کي تفريح، تعليم، ڄاڻ ۽ راندين جي حوالي سان مختلف پروگرامن ??ائين رسائي فراهم ڪري ٿو ته جيئن عوام سماجي ۽ معاشي لحاظ کان صورتحال بابت آگاهه رهي. هن وقت پي ٽي وي تحت پي ٽي وي هوم، پي ٽي وي نيوز، پي ٽي وي اسپورٽس، پي ٽي وي گلوبل، پي ٽي وي نيشنل، پي ٽي وي بولان ۽ پي ٽي وي ورلڊ جون نشريات جاري ??هن. پي ٽي وي انگلش نيوز چينل نه صرف پاڪستان پر عالمي سطح تي پاڪستان جي باري ۾ ڄاڻ فراهم ڪري ٿو. 31 م??رچ 24ع دوران پي ٽي وي جي ٻن پي ايس ڊي پي رٿائن لاءِ 204.650 ملين رپيا مختص ڪيا ويا. انهن رٿائن ۾ پي ٽي سي اڪيڊمي ۾ نيشنل فلم پروڊڪشن انسٽيٽيوٽ جو قيام ۽ چين جي سهڪار سان ڊجيٽل ٽيرسٽيريل ملٽي ميڊيا براڊ ڪاسٽنگ جو پائليٽ پراجيڪٽ شامل آهي. پي ٽي وي تحت مري، چراٽ ۽ـ ڪالا شاهه ڪاڪو ۾ ري ??راڊ ڪاسٽ اسٽيشن تي به ڪم جاري ??هي جيڪو اپ گريڊيشن جي مرحلن ۾ آهي.