بيجنگ – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چائنا ناردرن انڊسٽري ڪارپوريشن (نورينڪو) جي چيئرمين ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. نورينڪو جي چيئرمين محمد شهباز شريف جي پنجاب جي وڏي وزير جي طور ترقياتي منصوبن کي تيز رفتاري سان مڪمل ڪرڻ ۽ پاڪستان ۽ پنجاب اسپيڊ جو ??صو??ي ذڪر ڪيو. نورينڪو جي چيئرمين وزيراعظم جي نگراني هيٺ منصوبن جي رفتار ?? معيار کي ساراهيندي ??يو ته توهان جي سرپرستي ۾ لاهور اورنج ٽرين ميٽرو جو منص??بو وقت سر تيار ٿيو. وزيراعظم نورينڪو جي چيئرمين کي پاڪستان ۾ مواصلات جي منصوبن خاص طور تي ڪراچي سرڪلر ريلوي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي ??يو ته ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ آسانيون پيدا ڪيون پيون وڃن، ان حوالي سان ??صو??ي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل حڪومت جو هڪ اهم قدم آهي.