اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير ??طا??ُ الله تارڙ سينيئر صحافي عامر سجاد سيد جي والده جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مرحو??ه جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته عامر سجاد سيد جي والده جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي تمام گهڻو افسوس ٿيو، والده جو لاڏاڻو تمام وڏو سانحو آهي. هن چيو ته ڏک??يل خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. وفاقي وزير مرحو??ه جي مغفرت ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.