رياض -28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان عالمي مالياتي اد??ري (آءِ ايم ايف) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا عالمي اقتصادي فورم جي سائيڊ لائينز تي اهم ملاقات ڪئي. ايم ڊي آءِ ايم ايف گذريل سال اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ جي حوالي سان وزيراعظم جي قائداڻي ڪردار جي تعريف ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان ??ار?? پريس پڌرائي مطابق وزيراعظم شهباز شريف جي ٻيهر چونڊجڻ کان پوءِ هي سندس ايم ڊي آءِ ايم ايف سان پهرين ملاقات هئي. سندن آخري ملاقات جون 2023ع ۾ پيرس ۾ سمٽ فار نيوگلوبل فنانشل پيڪٽ دوران ٿي هئي. وزيراعظم ڪرسٽالينا جارجيوا جو گذريل سال آءِ ايم ايف کان 3 بلين آمريڪي ڊالرن جو اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ (ايس بي اي) حاصل ڪرڻ ۾ پاڪستان جي حمايت تي شڪريو ادا ڪيو. آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو (اڄ) اجلاس ٿيڻ جو امڪان آهي جنهن ۾ ايس بي اي تحت 1.1 ار?? آمريڪي ڊالرن جي حتمي قسط جو فيصلو ڪيو ويندو. ايم ڊي آءِ ايم ايف گذريل سال اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ جي حوالي سان وزيراعظم جي قائداڻي ڪردار جي تعريف ڪئي. وزيراعظم ايم ڊي آءِ ايم ايف کي ٻڌايو ته سندس حڪومت پاڪستان جي معيشت کي ٻيهر پٽڙي تي آڻڻ لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. هن ناڻي و??ري وزير محمد اورنگزيب جي سربراهي ۾ پنهنجي مالياتي ٽيم کي سڌارا ڪرڻ، سخت مالياتي نظم و ضبط کي يقيني بڻائڻ ۽ اهڙين دانشمنداڻين پاليسين تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جيڪي ميڪرو اڪنامڪ استحڪام ۽ پائيدار اقتصادي ترقي کي يقيني بڻائين. ٻنهي ڌرين پاڪستان جي آءِ ايم ايف جي هڪ ??ئي پروگرام ۾ داخل ٿيڻ تي به ڳالهيون ڪيون ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته گذريل سال ۾ حاصل ٿيل فائدن کي مستحڪم ڪيو وڃي ۽ ان جي اقتصادي ترقي جي رفتار مثبت رهي. ايم ڊي آءِ ايم ايف پاڪستان سان ??ار?? پروگرامن جائزه جي عمل جي ب??ري ۾ پنهنجي اداري جي نقطئه نظر کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم ايم ڊي آءِ ايم ايف کي سندن سهولت مطابق پاڪستان جي دوري جي دعوت به ڏني.