اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف سان يونيسيف جي وفد ملاقات ڪئي ۽ پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام ۽ يونيسيف جي وچ ۾ دلچسپي جي اظهار جي دستاويز (ليٽر آف انٽينٽ) تي صحيحون ڪيون. وزيراعظم آفيس ج?? ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهب??ز شريف سان يونيسيف جي وفد پاڪستان ۾ يونيسيف جي نمائندي عبدالله اي فاضل جي سربراهي ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام جو چيئرمين راڻا مشهود پڻ شريڪ هو. وفد وزيراعظم کي پي ايم يوٿ پروگرام ۽ يونيسيف جي وچ ۾ پاڪستان ۾ نوجوانن جي صلاحيت ۽ سگهه ۾ اضافي جي حو??لي سان حصيداري کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم يونيسيف جي پاڪستان سميت سڄي دنيا جي ٻارن جي ڀلائي جي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو. بعد ۾ وزيراعظم پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام ۽ يونيسيف جي وچ ۾ گڏيل قومن جي جنريشن ان لميٽيڊ (جين يو) پروگرام جي حو??لي سان دلچسپي جي اظهار جي دستاويز (ليٽر آف انٽينٽ) تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. دستاويز تي پي ايم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود ۽ يونيسيف جي پاڪستان ۾ نمائندي عبدالله اي فاضل وزيراعظم جي موجودگي ۾ صحيحون ڪيون. جنريشن ان لميٽيڊ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران 2018ع ۾ شروع ڪيو ??يو جنهن جو مقصد نوجوانن کي تعليم، فني تربيت ۽ انٽر پرينيورشپ جي ذريعي باصلاحيت بڻائڻ ۽ شروعاتي تعليم ۽ تربيت جي حو??لي سان ڪم ڪرڻ آهي. جين يو پاڪستان ۾ پنهنجا مڪمل آپريشنز شروع ڪرڻ جو منصوبو ٺاهي رهيو آهي جنهن ۾ نوجوانن بابت منصوبن ۾ 20 ملين جي شروعاتي سيڙپڪاري پڻ شامل آهي. ان دستاويز تي صحيحن سان نوجوانن کي تعليم ۽ تربيت جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. جين يو ۽ پي ايم يوٿ پروگرام ان حو??لي سان آپريشنل اسٽريٽجڪ فريم ورڪ تي گڏجي ڪم ڪندا.