برسلز – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر محمد اسحاق ڊار برسلز ۾ نيوڪليئر انرجي سمٽ جي موقعي تي گڏيل عرب امارات ??ي توانائي ۽ انفراسٽرڪچر جي وز??ر المازروئل سهيل سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي وز??رن ٻطرفن لاڳاپن ۽ امڪانن جو جائزو ورتو. هنن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي لاڳاپن خاص طور تي قابل تجديد توانائي ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبن ?? واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وز??ر موسمياتي ڊپلوميسي ۾ گڏيل عرب امارات جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته يو اي اي جي ميزباني ۾ ڪوپ – 28 عالمي ڌيان صاف توانائي جي هڪ آپشن جي طور تي نيوڪيلئر انرجي طرف ڇڪرايو. هن ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال خاص طور تي ائٽمي ري اييڪٽر آپريشنز، حفاظت ۽ ريگيوليٽري انفراسٽرڪچر قائم ڪرڻ جي سمورن شعبن ۾ پن??ن??ي تجربي ۽ مهارت جي حصيداري جي لاءِ پاڪستان ??ي تياري جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وز??ر ان يقين جو اظهار ڪيو ته پاڪستان – گڏيل عرب امارات جامع اقتصادي حصيداري جي معاهدي (سي اي پي اي) جي نتيجي ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري ??ي تعاون کي وڌيڪ فروغ ملندو. گڏيل عرب امارات جي وز??ر پاڪستان جي پن??نجي دورن ۽ پاڪستان سان پراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته گڏيل عرب امارات پاڪستان ??ي ترقي ۾ حصيدار رهندو.