اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان ۽ يورپي يونين ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ فالو اپ قدمن جي لاءِ اداراجاتي مڪينزم جا باقاعده اجلاس منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آ??ي. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته گذريل ڏينهن پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ اسلام آباد ۾ سياسي ڊ??ئيلاگ جو نائون دور ٿيو جنهن جي گڏيل صدارت پرڏيه?? سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي ۽ يورپين ايڪسٽرنل ايڪشن سروس جي ڊپٽ?? سيڪريٽري جنرل ايزيڪ مورا ڪئي. ترجمان چيو ته هنن يورپي يونين ??ي فليگ شپ پروگرامز گلوبل گيٽ وي اسٽريٽجي ۽ هورائزن يورپ تحت نوان موقعا ڳولڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آ??ي. هن چيو ته ڌرين پاڪستان ۽ يورپي يونين جي ٻطرفن لاڳاپن جي سمورنر خن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ اسٽريٽجڪ انگيجمينٽ پلان، واپار ۽ ترقياتي تعاون، سلامتي، موسمياتي تبديلي کانسواءِ مائيگريشن ۽ موبلٽي تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ شامل آهي. ٻنهي ڌرين اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ تيزي سان بدلجندڙ جاگرافيائ?? سياسي منظرنامي جي وچ ۾ ويجهي تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه جي ضرورت تي زور ڏنو.