اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پ??رل??اماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته قانوني طور تي جڏهن مناسب ۽ ضروري ٿيندو قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪيو ويندو، آئين جي آرٽيڪل 91 تحت صدر چونڊن کانپوءِ 21 ڏينهن جي اندر قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي س??هي ٿو، 29 فيبروري تائين ڪنهن به ڏينهن قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪري سگهجي ٿو. اليڪشن ڪميشن ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پ??رل??اماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته چونڊن جي حوالي سان شڪايتن جي ازالي جي لاءِ قانوني فورمز موجود آهن، قانون جو عمل جاري رهڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪنهن سان زيادتي ٿي آهي ته ان کي انصاف ملڻ گهرجي. هن چيو ته ڪنهن اميدوار کي ڪا شڪايت آهي ته ان کي قانوني فورمز سان ئي رج??ع ڪرڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پ??رل??اماني معاملن نگران وفاقي وزير چيو ته بلوچستان حڪومت ملڪي قانونن تحت ??سئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. مون کي يقين آهي ته ماڻهن جون مشڪلاتون ختم ٿينديون. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته اطلاعات واري وزارت کانسواءِ پ??رل??اماني معاملن واري وزارت جي ذميواري پڻ مون تي آهي، قومي اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس جي لاءِ سمري تي منهنجون صحيحون ٿينديون. هن چيو ته قانوني طور تي جڏهن مناسب ۽ ضروري ٿيندو اجلاس طلب ڪيو ويندو. نگران وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن کي چونڊن کانپوءِ 14 ڏينهن جي اندر حتمي چونڊ نتيجا جاري ڪرڻا هوندا آهن، آئين جي آرٽيڪل 91 تحت صدر چونڊن کانپوءِ 21 ڏينهن جي اندر قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي س??هي ٿو، چونڊن جي 21 ڏينهن کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي آخري تاريخ 29 فيبروري آهي، 29 فيبروري تائين ڪنهن به ڏينهن اجلاس گهرائي سگهجي ٿو. هن چيو ته آئين تحت ??ومي اسيمبلي جو ڪو به ميمبر وزيراعظم، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ وڙهي س??هي ٿو.