اسلام آباد – 19 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان جي عوام 8 فيبروري تي راءِ جو حق استعمال ڪندي ورهايل مينڊيٽ ڏنو آهي، پرتشدد روين جو رڪارڊ رکندڙ ڪجهه عنصر سرڪ??ري ملازمن کي بليڪ ميل ڪرڻ ۽ پاڪستان ري??ست کان انهن جي وفاد??ري مٽائڻ جي لاءِ انهن تي دٻاءُ وجهڻ جي لاءِ سوشل ميڊيا کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ سميت مختلف حربا استعمال ڪري رهيا آهن، پاڪستان ري??ست پنهنجا آئيني فرض سرانجام ڏيڻ ۾ سرڪ??ري ملازمن جو دفاع ڪندي ۽ انهن پرتشدد ٽرولز جي خلاف ڪارروائي ڪندي ۽ انهن کي مث??لي سزا ڏياريندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري هڪ بيان ۾ نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عوام 8 فيبروري تي واضح طور تي راءِ جو حق استعمال ڪندي ورهايل مينڊيٽ ڏنو آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پرتشدد روين جو ثابت ٿيل رڪارڊ رکندڙ ڪجهه عنصر سوشل ميڊيا کي بليڪ ميلنگ جي لا??ِ هٿيار طور اختيار ڪرڻ سميت هاڻي مختلف حربا استعمال ڪري رهيا آهن ۽ سرڪ??ري ملازمن جون وفاداريون پاڪستان ري??ست تان هٽائي پرتشدد گينگ طرف ڪرڻ جي لاءِ دٻاءُ جا حربا استعمال ڪري رهيا آهن. نگران وزيراعظم چيو ته اهي حربا آرٽيڪل 5 سميت آئين جي ??ين آرٽيڪلز ۽ ملڪي قانونن جي واضح خلاف ورزي آهن. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ري??ست پنهنجون آئيني ذميواريون سرانجام ڏيڻ جي لاءِ سرڪ??ري ملازمن جو دفاع ڪندي، انهن پرتشدد ٽرولز جي خلاف ڪارروائي ڪندي ۽ انهن کي مث??لي سزائون ڏيارڻ کي يقيني بڻائيندي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ ري??ست جي خدمت ڪندڙ انهن عظيم سرڪ??ري ملازمن جي دفاع لاءِ اسان جي عزم ۾ ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي.