اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) ايران جو پر??يهي وزير حسين امير عبداللهيان نگران پر??يهي وزير جليل ??باس جيلاني جي دعوت تي صبح جو اسلام آباد پهچي ويو. نور خان ايئربيس تي پر??يهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري (افغانستان ۽ اولهه ايشيا) رحيم حيات قريشي معزز مهمان جي آجيان ڪئي. پر??يهي آفيس جي بيان موجب ايراني پر??يهي وزير ان دوري دوران نگران پر??يهي وزير جليل ??باس جيلاني سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندو. هو نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان به ملاقات ڪندو. اهو اعليٰ سطح جو دورو ان وقت ٿيو جڏهن ٻنهي ملڪن 22 جنوري تي پنهنجي گڏيل ??يان ۾ اعلان ڪيو هو ته ٻنهي ملڪن جا سفير پنهنجي پنهنجي عهدن تي واپس ويندا ۽ ايراني پر??يهي وزير اسلام آباد جو دورو ڪندو. ان کان اڳ ايران پاران هلندڙ مهيني پاڪستان جي فضائي حدن جي خلاف ورزي کانپوءِ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا خراب ٿي ويا هئا جنهن کانپوءِ پاڪستان پاران ايران جي اندر پاڪستاني ڄائي دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نش??نو بڻائڻ جي لاءِ حملا ڪيا ويا.