اس??ام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني يوگنڊا ??ي شهر ڪمپالا ۾ غيروابسته تحريڪ جي 19 هين سربراهي اجلاس جي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نگران پرڏيهي وزير غيروابسته تحريڪ سان پاڪستان جي وابستگي ۽ ان جي باني اصولن تي روشني وڌ??. نگران پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان امن، برابري، تعاون ۽ سڀني جي ڀلائي لاءِ تحريڪ جي ڪوششن جي حمايت جاري رکندو. هن ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ?? فلسطين جي پراڻي تڪرارن جي منصفاڻي، پرامن ۽ جلد حل جي ضرورت تي زور ڏنو.