اسلام آباد – 02 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن وا??ي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڻي جي زيان جو مس??لو حل ڪرڻ جي لاءِ عوام ۾ شعور بيدار ڪرڻ جي ضرورت آهي، گذريل هڪ سال دوران اسلام آباد ۾ ٽي فلٽريشن پل??نٽ هنيا ويا آهن. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران سينيٽر مشتاق احمد، سينيٽر مهر تاج روغاني ۽ ٻين ميمبرن جي سوالن جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن وا??ي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسلام آباد ۾ مختلف علائقن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جو مس??لو آهي، ان کي حل ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، پاڻي جو زيان هڪ مس??لو آهي، اهو اهڙو معاملو آهي جيڪو رڳو ڏنڊ سان حل ٿيڻ وارو نه آهي ان جي لاءِ عوام ۾ شعور بيدار ڪرڻ جي پڻ ضرورت آهي، بدقسمتي سان اشرافيه جيترو پاڻي ضايع ڪري ٿي غريب ماڻهو ايترو ضايع نه ٿا ڪن. هن چيو ته قوم عوامي نمائندن جي چونڊ استحصالي نظام جو خاتمو ڪرڻ جي لاءِ ڪري ٿي، جيڪڏهن اهي اهو نه ٿا ڪري سگهن ته اها ناڪامي آهي. هن چيو ته گذريل هڪ سال دوران اسلام آباد ۾ ٽي فلٽريشن پل??نٽ هنيا ويا آهن.