اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان ۽ ايران جي وچ م اقتص??دي لاڳ??پن ۽ ميڊيا جي شعبن سميت ٻطرفي ثقافتي تعاون جي فروغ جي ل??ءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي حڪومتي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ميڊيا ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جهڙا معاهدا ثقافت ۽ روايتن کي حقيي روشني ۾ پيش ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا. هو ملاقات جي ل??ءِ آيل اسلامي جمهوريه ايران جي سفير رضا اميري مقدم سان ڳالهائي رهيو هو. ملاقات ۾ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون، ثقافتي وفدن جي مٽاسٽا، ٻطرفي گڏيل واپاري لاڳاپن، ايران ايڪسپو 2024ع سميت مختلف اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات ۾ واپاري ۽ اقتص??دي شعبن خاص طور تي اي سي او تنظيم جي دائره ڪار ۾ گڏيل تعاون، اوڀر کان اولهه تائين لنگهه، ٻنهي مل??ن جي بندرگاهن تي ٻطرفي تعاون ۽ تهران اسلام آباد لاڳ??پن ۾ توسيع جي اهميت تي زور ڏيندي ٻطرفي گڏيل لاڳ??پن جي فروغ جي ل??ءِ موقعا ڳولڻ تي راضپي جو اظهار ڪيو ويو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ايران سان ڀائراڻن لاڳ??پن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان ۽ ايران گهري مذهبي، ثقافتي ۽ لساني رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. مرتضيٰ سولنگي ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون کي وقت جي ضرورت قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان ايران سان فلم ۽ ڊرامي جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ۽ ايران جي اسلامڪ ري پبلڪ نيوز ايجنسي (ارنا) جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي اڳ ۾ ئي صحيحون ٿي چڪيون آهن. هن چيو ته پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) ۽ ايران جي آڊيو ويزول ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (ساترا) ۽ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشنز، پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ۽ ايران جي آڊيو ويزول ۽ سئنيما جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ جي ل??ءِ مفاهمت جي ياداشتن تي ڪم جاري آهي. ملاقات ۾ پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ۽ اسلامڪ ري پبلڪ آف ايران براڊ ڪاسٽنگ جي وچ ۾ مفاهمتي ع??ل کي تيز ڪرڻ تي پڻ اتفاق ٿيو. ايران جي سفير اسلام آباد ۾ اسلامڪ ري پبلڪ آف ايران براڊ ڪاسٽنگ جي بيورو آفيس کولڻ بابت اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير کي آگاهه ڪيو. هن چيو ته اسلامڪ ري پبلڪ آف ايران براڊ ڪاسٽنگ جي بيورو آفيس ايندڙ سال جنوري جي ٽئين هفتي ۾ پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيندي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته اسلامڪ ري پبلڪ آف ايران براڊ ڪاسٽنگ جي بيورو آفيس قائم ٿيڻ سان ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ اطلاعات جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ملندي. هن چيو ته ايران سان ٽيليويزن، فلمز، سئنيما، ادبي ۽ لساني ادارن جي وچ ۾ تعاون کي وڌائڻ جي ل??ءِ اهڙي طرح جا ڪيترائي معاهدا بحث هيٺ آيا. اهي معاهدا اسان جي ثقافت ۽ روايتن کي حقيقي روشني ۾ پيش ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا. ملاقات ۾ ايران جي ثقافتي وفد جي پاڪستان جي دوري جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ايران جي ثقافتي وفد جو پاڪستان جو دورو خوش آئنده آهي، اهڙي طرح جي دورن سان ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ ثقافتي لاڳ??پن کي هٿي ملندي. هن چيو ته ايران جي ثقافتي وفد کي پاڪستان جي ميڊيا هائوسز، پريس ڪلبز ۽ ٻين ثقافتي ادارن جو دورو ڪرايو ويندو. ملاقات ۾ ايران ايڪسپو 2024ع جي حوالي سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته ايران ايڪسپو 2024ع ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ واپاري لاڳ??پن جي فروغ جو اهم موقعو آهي. هن چيو ته پاڪستان ايران سان گڏيل اقتص??دي لاڳ??پن جي فروغ جي ل??ءِ ايران سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ل??ءِ پرعزم آهي. ايران جي سفير چيو ته ايران ايڪسپو 2024ع ٻنهي مل??ن جي ڪاروباري ادارن جي ل??ءِ هڪ متحرڪ پليٽ فارم فراهم ڪندي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ايراني سفير کي پاڪستان ۾ ايندڙ چونڊن جي حوالي سان قدمن بابت آگاهه ڪندي چيو ته نگران حڪومت جو بني??دي مينڊيٽ چونڊ عمل ۾ معاونت ڪرڻ آهي، صاف، شفاف ۽ غيرجابداراڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي. هن چيو ته نگران حڪومت ان ڏس ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهي آهي. ايران جي سفير صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ جي ل??ءِ نگران حڪومت جي عزم کي ساراهيو.