اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته صحت جي لاءِ هاڃيڪار پاڻي ۽ شيون ??يا?? ڪندڙن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي، انساني زندگيون خطري ۾ وجهندڙن جي لاءِ 50 هزار رپيا ڏنڊ ۽ هڪ سال جي سزا گهٽ آهي. سينيٽ ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران سينيٽر مشتاق احمد ۽ سينيٽر نزهت صادق جي سوالن جي جواب ۾ مرتضيٰ سولنگي چيو ته هڪ سرڪاري اداري کي ڪرپشن جو ڳڙهه چو?? افسوس جوڳو آهي، قائداعظم محمد علي جناح جي 11 آگسٽ 1947ع جي پهرين تقرير کان وٺي هيستائين اسان جي تقريرن ۾ ڪرپشن جو معاملو ضرور شامل رهيو آهي، جيڪڏهن سينيٽر وٽ ان اداري بابت ڪرپشن جي حوالي سان ثبوت آهن ته ضرور آگاهه ڪري، لاڳاپيل ادارن کان جاچ ڪرائينداسين. نگران وفاقي وزير چيو ته پي سي آر ڊبليو آر پنهنجي ٽه ماهي رپورٽ اپريل کان جون 2022ع ۾ پاڻي جي 20 برانڊز کي صحت جي لاءِ هاڃيڪار قرار ڏنو هو، ??نه?? مان ٻه برانڊز اهڙا آ??ن جيڪي پي ايس ڪيو سي اي تحت رجسٽرڊ هئا، لائيسنس يافته ??نه?? ٻن برانڊز جي خلاف ايڪشن ??رت?? ويو ۽ ??نه?? جي پروڊڪشن بند ڪئي وئي، جيستائين ??نه?? برانڊز جون پراڊڪٽس معيار تي پوريون نه لٿيون تيستائين ??نه?? کي نه کوليو ويو، باقي 18 برانڊ رجسٽرڊ نه هيون. هن چيو ته ڪيترائي اهڙا گروهه اهڙي طرح جي صحت جي لاءِ هاڃيڪار شيون ??يا?? ڪن ٿا، ??نه?? جي خلاف ايڪشن ??رت?? ويو، پي ايس ڪيو سي اي جي قانون موجب غيرلائيسنس يافته ماڻهن کي 50 هزار رپيا ڏنڊ ۽ هڪ سال جي سزا عدليه جي ذريعي ڏني وڃي ٿي، جن ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، ??نه?? کي سزا ڏني وئي. هن چيو ته 50 هزار رپين جو ڏنڊ ۽ هڪ سال جي سزا تمام گهٽ آهي، اهي ماڻهو انساني زندگي کي خطري ۾ وجهي رهيا آهن. نگران وفاقي وزير چيو ته اهو سوال عوامي اهميت جو آهي، صحت جي لاءِ هاڃيڪار پاڻي جي حوالي سان سينيٽر مشتاق ۽ سينيٽر نزهت صادق جا سوال ڪميٽي ڏ??نه?? موڪليا وڃن، نه رڳو ان قانون جو جائزو ??رت?? وڃي ته ڇا اها سزا مناسب آهي. بعد ۾ سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي معاملو ڪميٽي ڏ??نه?? موڪلي ڇڏيو.