اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) نگران ??زي??اعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان بين المذاهب هم آهنگي ۽ وچ اوڀر ۽ اسلامي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي معاملن واري خصوصي نمائندي مولانا طاهر اشرفي ملاقات ڪئي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وچ اوڀر جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئ?? وئي. ملاقات ۾ غزه ۾ غاصب صيهوني فوج پاران معصوم فلسطينين تي جاري نسل ڪشي ۽ ظلمن جي ڀرپور لفظن ۾ مذمت ڪئ?? وئي آهي. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته عالمي قوتن کي فلسطينين تي جاري ظلم کي روڪڻ ۾ پ??هنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ملاقات ۾ نگران ??زي??اعظم ۽ مولانا طاهر اشرفي فلسطينين خاص طور ت?? غزه جي صورتحال جي حوالي سان تمام جلد ٿيندڙ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي اجلاس جي آجيان ڪئي. مولانا طاهر اشرفي ملڪ ۾ بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ لاءِ حڪومتي قدمن تي نگران ??زي??اعظم خراج تحسين پيش ڪيو. نگران ??زي??اعظم مولانا طاهر اشرفي جي بين المذاهب هم آهنگي ۽ وچ اوڀر ۽ اسلامي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو.