سرينگر -25 آڪٽوبر (اي پي پي ) ڪنٽرول لائن دوران ۽ سموري دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري 27 آڪٽوبر تي يو?? سياهه طور ملاهيندي دنيا کي واضح پيغام ڏئي سگهجي ٿو، ته ڪشميري ڄمون ڪشمير تي ڀارت جي غير قانوني قبضي کي رد ڪن ٿا. ڪشميري ميڊيا سروس موجب اهو 27 آڪٽوبر 1947 جو ڏينهن هيو جڏهن ڀارت برصغير جي ورهاست جي فارمولي جي خلاف ورزي ۽ ڪشميرين جي امنگون منافي سرينگر جي هوائي اڏي تي فوچ لاهي ڄمون ڪشمير تي قبضو ڪيو يو?? سياهه ملهائڻ جي ڪال ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڏني آهي حريت ڪانفرنس ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ جڄمون ۾ ڪشمير ۾ 27 آڪٽوبر تي مڪمل هڙتال جي به اپيل ڪئي آهي سرينگر ۽ والاريل ڪشمير جي ٻين حصن ۾ پوسٽر هنيا ويا آهن، انهن ۾ ماڻهن تي زور ??نو ويو آهي ته پنهنجي م??در وطن تي ڀارت جي غير قانوني قبضي خلاف جمعي واري ڏينهن مڪمل هڙتال ڪن ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس سرينگر ۾ جاري هڪ بيان ۾ عالمي برادري تي زور ??نو ته خاموشي ترڪ ڪري ڄمون ڪشمير ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جي قراردادن موجب استصواب راءِ ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻون ته جئين ڪشميري پنهن??ي حق خوداراديت جو استعمال ڪري سگهن .