اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 8 آڪٽوبر تي زوب بلوچستان ۾ حملي جي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفون ت?? افسوس جو اظ??ار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميجر سيد علي رضا شاهه ۽ حوالدار نث??ر اح??د جي وارثن سان ٽيليفون ت?? تعزيت ڪئي. صدر چيو ته ميجر سيد علي رضا شاهه شهيد جهڙي بهادر انسان سان ماضي ۾ ملاقات منهنجي لاءِ فخر جو لمحو هو. صدر 28 سيپٽمبر تي زوب ۾ دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ حوالدار عبدالستار جي پونئيرن سان پڻ ڳالهه ٻوله?? ڪئي. صدر شهيدن کي وطن جي خاطر جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيدن جي ملڪ جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو، خاندانن کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي، گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.