بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) چي?? جي صدر شي جن پنگ چي?? آهي ته ”بيلٽ ايينڊ روڊ“ تع??ون منصو??اب??دي کي حقيقت ۾ بدلائيندي عالمي تع??ون ۾ وڏا ثمر حاصل ڪيا آهن. گذريل 10 سالن ۾ اقتصادي لنگهه جي تعمير جي سلسلي ۾ وڏن چئيلنجز ۽ انفارميشن هائي ويز کي اهميت ڏيندي ريلوي، رستن، هوائي اڏن، بندرگاهن ۽ پائيپ لائين نيٽ ورڪس جي ذريعي مختلف ملڪن ??ي وچ ۾ مصنوعات، سَرمائي، ٽيڪنالاجي ۽ عملي ??ي وڏي پئماني تي گردش کي فروغ ڏنو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بيجنگ ۾ عالمي تع??ون بابت ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. شي جن پنگ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ”بيلٽ اينڊ روڊ“ جي گڏيل تعمير، گڏيل ترقي ۽ فتح فتح تي ٻڌل تع??ون کي فروغ ڏئي رهي آهي. اسان نظرياتي ڇڪتاڻ، جاگرافيائي سياسي گيمز، بلاڪ سياسي ڇڪتاڻ، هڪطرفي پابندين، معاشي ڏاڍ ۽ ”ڊي ڪپلنگ“ جو هرگز حصو نه آهيون. پنهنجي خطاب ۾ شي جن پنگ ”بيلٽ اينڊ روڊ“ جي اعليٰ معيار جي گڏيل تعمير جي حمايت جي لاءِ چي?? جي 8 قدمن جو اعلان ڪيو. انهن ۾ بيلٽ اينڊ روڊ جي لاءِ ٽه رخي رابطا نيٽ ورڪ جي تعمير، کليل ذهن تي ٻڌل عالمي معيشت جوڙڻ جي حمايت، عملي تعاون، ماحول دوست ترقي، سائنسي ۽ فني جدت طرازي، مختلف ملڪن جي عوام ??ي وچ ۾ رابطن، بدعنواني کان پاڪ رستي ۽ ”بيلٽ ايينڊ روڊ“ عالمي تع??ون جي مڪينزم کي بهتر بڻائڻ شامل آهي. شي جن پنگ چي?? ته ڪورونا وائرس جي عالمي وبا پکڙجڻ کانپوءِ ”بيلٽ اينڊ روڊ“ زندگي ۽ صحت جو رستو بڻ??ي ويو آهي. چي?? مختلف ملڪن کي اربين ماسڪ ۽ ويڪسين جون 2 ارب 30 ڪروڙ خوراڪ فراهم ڪيون آهن ۽ 20 کان وڌيڪ ملڪن سان ويڪسين تيار ڪرڻ ۾ تع??ون ڪيو آهي، جنهن سان بيلٽ اينڊ روڊ سان واڳيل حصيدارن جي لاءِ وبا جي خلاف منفرد ڪردار ادا ڪيو ويو آهي. چي?? ۾ وبا جي عروج تي ان کي 70 کان وڌيڪ ملڪن پاران قابل قدر مدد ملي. شي جن پنگ چي?? ته اسان دل جي گهراين سان سمجهون ٿا ته رڳو گڏيل مفادن تي ٻڌل تع??ون سان ئي اسان سٺا نتيجا حاصل ڪري سگهون ٿا. 10 سالا تاريخ ثابت ڪيو آهي ته بيلٽ اينڊ روڊ جي گڏيل تعمير تاريخ جي صحيح چونڊ آهي ۽ زماني جي ترقي جي منطق جي عين موجب آهي.