اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اسان ترقي پسند، جمهوري ۽ پرامن قوم طور اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا، اسان کي ماضي جي غلطين کي وساري مستقبل طرف ڏسڻو پوندو، تڪرارن کان بچڻ ??اڪ??تان جي مفاد ۾ آهي، اسان پنهنجي سمورن پاڙيسرين سان سٺن لاڳاپن جا خواهشمند آهيون. اها ڳالهه هن انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد ۾ سينٽر فار افغانستان، مڊل ايسٽ اين?? آفريقا، يونائيٽيڊ اسٽيٽس انسٽيٽيوٽ فار پيس (يو ايس آئي پي) جي تعاون سان ”خطي ۾ امن، سلامتي ۽ ان اکان اڳتي: ??اڪ??تان جو ڪردار“ جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري نگران وفاقي وز??ر چيو ته اسان هڪ اهڙي قوم بڻجڻ چاهيون ٿا جيڪا پنهنجي ماڻهن جي سارسنڀال ڪرڻ ڄاڻندي هجي ۽ پنهنجي عوام جي ڀلائي تي ڌيان ڏي. هن چيو ته دنيا جي وڏين طاقتن جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ کان بچڻ ??اڪ??تان جي مفاد ۾ آهي. حڪومت پنهنجي عوام ۽ ملڪي معيشت تي ڌيان ڏيڻ چاهي ٿي. هن چيو ته اسان جا چين ۽ ايران سان لاڳاپا اڳ ۾ ئي سٺا آهن جڏهن ته اسان پنهنجي ٻين پاڙيسرين سان پڻ بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا. هن چيو ته ??اڪ??تان جا وچ اوڀر سان لاڳاپا تمام سٺا آهن، تيل جي دولت سان مالامال انهن ملڪن سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر ب??ائ?? تي ڌيان ڏنو آهي. هن چيو ته ??اڪ??تان افغانستان سان عملي طور تي بهتر لاڳاپن جو خواهشمند آهي، افغانستان سان لاڳاپن کي بهتر ب??ائ?? جي لاءِ ??اڪ??تان جي مخلصاڻي ڪوششن جي باوجود هيستائين گهربل نتيجا حاصل نه ٿي سگهيا. هن چيو ته بدقسمتي سان ويجهي ماضي ۾ اسان جي سرزمين تي 24 خودڪش حملا ٿيا جن مان 14 افغان شهرين ڪيا. هن چيو ته ڪيترن ئي مسئلن جي باوجود اسان پاڙيسري ملڪ افغانستان سان لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ چاهيون ٿا. اطلاعات واري نگران وفاقي وز??ر چيو ته ??اڪ??تان حڪومت تازو ئي معيشت کي مضبوط ب??ائ??، واپار کي فروغ ڏيڻ ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري جا نوان موقعا ڳولڻ جي لاءِ ايس آئي ايف سي تحت ڪيترائي قدم کنيا آهن، اسان جو سمورو ڌيان معيشت ۽ واپار تي آهي.