اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ ??يو آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي حل نه ٿيندڙ ايجنڊا ايٽمز ۾ ڄمون ڪشمير تڪرار سڀ کان پراڻو آهي ۽ پاڪستان ڀارت جي غير قانوني طور والاريل ڄمون ڪشمير جي تڪرار کي سمورن عالمي ۽ علائقائي فورمز تي اٿاريندو رهندو، پاڪستان افغانستان ۽ خطي ۾ پائيدار امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي،پاڪستان جا عرب، نار ۽ ٻين علائقائي ملڪن سا?? مضبوط لاڳاپا آهن، اولهه سا?? ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل لاڳاپا ايندڙ سا??ن ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ روانگي کان اڳ آمريڪي نشرياتي اداري وائيس آف آمريڪا کي انٽرويو ڏيندي نگران وزيراعظم ??يو ته پاڪستان سمورن دستياب گهڻ رخي ۽ علائقائي فورمن تي ڪشمير مسئلي جو مستقل ۽ باقاعدگي سا?? دفاع ۽ وڪالت ڪندو رهيو آهي ۽ ان م??ئلي جي حل تائين پاڪستان پنهنجو اهو ڪردار جاري رکندو. والاريل ڪشمير جي صورتحال جو ذڪرڪندي نگران وزيراعظم ??يو ته والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جو سنگين خلاف ورزيون ٿي رهيون آهن، ڀارت جي قابض فوج پوري علائقي کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڪشميرين جي آواز کي دٻايو پيو وڃي، چونڊن بابت افواهن کي رد ڪندي وزيراعظم ??يو ته ملڪ ۾ عام چونڊن جي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو مينڊيٽ آهي ۽ اليڪشن ڪميشن ان حوالي سا?? ڪيترائي قدم کنيا آهن. اسان کي اميد آهي ته اليڪشن ڪميشن هن عمل کي ايمانداري سا?? مڪمل ڪندو. هن نگران حڪ??مت طرفان چونڊون رٿڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي مالي وسيلن ۽ سيڪيورٽي جي فراهمي جي حوالي سا?? حڪ??مت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ماضي ۾ ٻن صوبن ۾ چونڊون ڪرائڻ ۾ دير جي باري ۾ سوال تي نگران وزيراعظم ??يو ته ممڪن آهي ته ان دور ۾ ڪجهه مسئلا هجن جنهن کي مختلف فورمن قبول ڪيو هو، وزيراعظم سرحدن تي سلامتي جي خطرن تي ضابطو آڻڻ ۽ چونڊ عمل کي مڪمل ڪرڻ ج?? حوالي سا?? اعتماد جو اظهارپڻ ڪيو، وزيراعظم ملڪ ۾ جمهوري عمل کي برقرار رکڻ ج?? عزم جو ورجاءُ ڪندي ??يو ته چونڊ عمل کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي احسن انداز ۾ اڳتي وڌائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا، هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم ??يو ته ملڪ ۾ اظهار راءِ جي آزادي آهي ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي حوالي سا?? اسان جا اهڃاڻ خطي ۾ تمام بهتر آهن، ملڪ ۾ ميڊيا کي آزادي آهي، ميڊيا حڪ??مت ۽ ان جي ادارن يا معاشي معاملن جي حوالي سا?? ڪنهن به مسئلي تي آواز اٿاري سگهي ٿو يا نشر ڪري سگهي ٿو. پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف قانوني ڪيسن جي باري ۾ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم ان تاثر جي سختي سا?? ترديد ڪئي ته اڳوڻي وزيراعظم کي سياست کان پري رکڻ ج?? ڪوشش ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم ??يو ته هي عدالتن جي ٻڌڻي هيٺ معاملا آهن. اڳوڻي وزيراعظم خلاف الزام آهن، اسان کي اميد آهي ته عدالتي عمل شفاف هوندو، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته نگران حڪ??مت مسلسل آئيني عمل سبب ڪم ڪري رهي آهي ۽ کيس قومي اسيمبلي ۾ اڳوڻي قائد ايوان ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ مقرر ڪيو آهي، هن نگران حڪ??مت کي اڳوڻي پي ڊي ايم حڪ??مت جو تسلسل قرار ڏيڻ ج?? تاثر کي به مڪمل طور غلط قرار ڏنو، نگران وزيراعظم ??يو ته پاڪستان افغانستان ۽ خطي ۾ پائيدار امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ سمورن لاڳاپيل فورمن تي طالبان ۽ عالمي برادري سا?? ڳالهيون ڪري رهيو آهي، نگران وزيراعظم ??يو ته طالبان دوحه معاهدي تحت عهد ڪيو هو ته افغان سرزمين کي ڪنهن به ملڪ خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏنو ويندو. هن ??يو ته نگران حڪ??مت غير قانوني واپار سميت افغان ٽرانزٽ جي مسئلن تي ڌيان ڏئي رهي آهي، اسان جا واپاري لاڳاپا نه رڳو افغانستان پر سمورن وچ ايشيائي ملڪن سا?? به بهتر ٿي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته اهي سمورا علائقائي واپاري رابطن جي اهميت کي سمجهن ٿا، افغان سرزمين کان ٿيندڙ دهشتگردي جي حملن جي حوالي سا?? پڇيل سوال جي جواب ۾ وزيراعظم ??يو ته پاڪستان دهشتگردي جي ڪنهن به ڪارروائي خلاف دفاع جو محفوظ حق رکي ٿو ۽ جڏهن ضرورت پئي ته پنهنجي عوام ۽ ڌرتي جي دفاع لاءِ ضروري قدم کڻندو، جڏهن وقت ايندو ان سلسلي ۾ مناسب فيصلا ڪنداسين، وزيراعظم ڪاڪڙ ??يو ته افغانستان ۾ آمريڪا ۽ نيٽو طرفان ڇڏيل هٿيار دهشتگردن جي هٿن ۾ اچڻ بابت سندس بيان جو مقصد آمريڪا يا ٻي ڪنهن ملڪ تي ڪو الزام لڳائڻ نه هو، ان حوالي سا?? جيڪو تاثر ڏنو ويو آهي اهو درست ناهي. نگران وزيراعظم پاڪستان جي سفارتي اڪيلائي جي تاثر کي رد ڪندي ??يو ته پاڪستان جا عرب، نار ۽ ٻين ملڪن سا?? مضبوط لاڳاپاآهن، جڏهن ته اولهه سا?? ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل لاڳاپا ايندڙ سا??ن ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا.