اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته پاڪستان جي مجموعي قومي پيداوار ۾ صنعتن جي حصي کي 12 سيڪڙو مان وڌائي ان جي مڪمل صلاحيت تائين آڻڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙي وڃي، معاشي ترقي ۽ صنعتي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ قومي صنعتي پاليسي جلد کان جلد جوڙي وڃي. وزيراعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي هڪ اجلاس ۾ واپار واري وزارت ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت پاران سندن ڪارڪردگي ۽ هدفن بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ واپار واري نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز، ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، نگران وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ اعليٰ سرڪاري آ??يس??ن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪي روانگي واپار وڌائڻ جي حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئ??. ن??ران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته عالمي منڊين خاص طور تي وچ ايشيائي ملڪن سان معاشي حصيداري روانگي واپار وڌائڻ جي حڪمت عملي جو حصو هوندو. اجلاس ۾ نگران وزيراعظ?? واپار واري وزارت کي ڪاروباري برادري ۽ لاجسٽڪس ڪمپنين جي لاءِ عالمي واپاري چرپر جي نظام بابت آگاهي ۽ تربيتي پروگرام منعقد ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. پاڪستان جي ٻاهرئين ملڪ مقرر آ??يس??ن جي واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي سرگرمين بابت آگاهه ڪيو ويو. نگران وزيراعظم کي بريفنگ ۾ لينڊ پورٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل حصيدارن سانجاري مشاورت بابت آگاهه ڪيو ويو. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته پاڪستان جي منفرد جاگرافيائي بيهڪ مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ جي لاءِ ملڪ کي واپاري چرپر ۽ ٽرانس شپمنٽ جو مرڪز بڻايو وڃ??. ن??ران وزيراعظم پاڪستان جي مجموعي قومي پيداوار ۾ صنعتن جي حصي کي موجوده 12 سيڪڙو مان وڌائي ان جي مڪمل صلاحيت تائين آڻڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئ??. ن??ران وزيراعظم معاشي ترقي ۽ صنعتي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ قومي صنعتي پاليسي جلد کان جلد جوڙڻ جي هدايت پڻ ڪئ??. ن??ران وزيراعظم خساري ۾ رهندڙ قومي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئ??. ن??ران وزيراعظم کي موبائيل فونز جي مقامي تياري جي تازي پاليسي بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو، ملڪ ۾ ايندڙ ٻن سالن ۾ 40 لک هينڊ سيٽ ٺاهي سگهبا جنهن سان درآمدي بل ۾ گهٽتائي ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو. بريفنگ ۾ نگران وزيراعظم کي قيمتي پٿرن ۽ معدنيات جي روانگي واپار کي منظم ڪرڻ جي لاءِ قدمن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو، ان سيڪٽر سان ايندڙ ٻن سالن ۾ 2 ارب ڊالر جو روانگي واپار ممڪن ٿي سگهندو. نگران وزيراعظم جيمسٽون جي روانگي واپار جي مڪمل صلاحيت حاصل ڪرڻ جي لاءِ مقامي ڪاريگرن کي جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي لاڳاپيل هنر سيکارڻ جي لاءِ تربيتي پروگرام منعقد ڪرائڻ جي هدايت ڪئ??. ن??ران وزيراعظم اجلاس ۾ ملڪ ۾ اي ڪامرس جي فروغ جي لاءِ اليڪٽرانڪ ويئر هائوسنگ جي استعمال تي زور ڏنو.