اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) سڌ س??اء?? واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت جي ڪا به سياسي ايجنڊا يا سياسي مينڊيٽ ناهي، قانون واري وزارت جي وضاحت کانپوءِ صد?? مملڪت جي ٽوئيٽ سبب پيدا ٿيل ابهام ختم ٿي ويو آهي، صد?? مملڪت رياست جو سربراهه آهي سندس عهدو مان جو گهرجائو آهي، ڪو توقع نه ڪري ته اسان صدر جي مان خلاف ڳالهائينداسين، قانوني ۽ آئيني ابهام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته نگران حڪومت آئين اندر رهندي جواب ڏيندي، ابهام ختم ڪرڻ لاءِ نگران حڪومت جي ڪوشش کي سياسي رنگ نٿو ڏئي سگهجي. اهڙو اظهار هن قانون واري نگران وفاقي وزير ا??مد عرفان اسلم سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر م??مد عاصم کچي به موجود هو. سڌ س??اء?? واري نگران وفاقي وزير چيو ته صد?? مملڪت عارف علوي پنهنجي ذاتي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان پارليامينٽ طرف ٻن بلن بابت ٽوئيٽ ڪيو جنهن سبب ابهام واري صورتحال پيدا ٿي پر ڪنهن به قسم جي ڪا ڀونچال نه آئي، صورتحال واضح آهي. هن چيو ته اهو ضروري آ??ي ته قانوني نڪتن جي وضاحت ڪئي وڃي، قانون واري وزارت صدر جي ٽوئيٽ جي حوالي سان وضاحت جاري ڪئي جنهن کانپوءِ ابهام ختم ٿي چڪو آهي، صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي سڌ س??اء?? واري نگران وفاقي وزير چيو ته صد?? مملڪت جي آئيني عهدي تي رهڻ جي خواهش يا منشا جي خبر ناهي، صد?? مملڪت رياست جو سربراهه آهي ان لاءِ تمام گهڻي عزت آهي ڪو به توقع نه ڪري ته اسان صدر جي تعظيم خلاف ڳالهائينداسين، مرتضيٰ سولنگي چيو ته ابهام ختم ڪرڻ لاءِ نگران حڪومت جي ڪوششن کي سياسي رنگ نٿو ڏئي سگهجي، هن چيو ته ملڪ ۾ قانون ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ لاءِ ادارا موجود آهن، شهرين جي حقن جي فراهمي ۽ آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ پورو نظام موجود آهي، هڪ سوال تي هن چيو ته مفروضن تي نه پر حقيقت تي ٻڌل ڳالهه ڪنداسين. صدر جي ٽوئيٽ سبب پيدا ٿيل صورتحال جي وضاحت ٿي چڪي آ??ي، قانون واري وزارت ان حوالي سان بيان پڻ جاري ڪيو آهي، جڏهن ته قانون واري وزير به تفصيلن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اسان قطئي اهڙو ڪو عمل نه ڪنداسين جيڪو آئين ۽ قانون خلاف هجي. هن چيو ته اسان جي حڪومتي نظام ۾ ڪو به خال نه آهي، موجوده نگران حڪومت آئين تحت قائم ٿي آ??ي، جيڪڏهن ڪنهن ڪو ابهام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جو جواب آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين، هڪ سوال تي سڌ س??اء?? واري نگران وفاقي وزير چيو ته اسان آئيني عهدي جي عزت ۽ احترام کي نظر ۾ رکيو آهي.اسان مفروضن تي نه ڳالهائينداسين، صد?? مملڪت جي عملي جي حوالي سان ڪو تبصرو نٿا ڪرڻ چاهيون ۽ نه ئي کين ڪو مشورو ڏئي سگهون ٿا، هي اسان جو اختيار نه آهي.