اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ??ينمارڪ جي پرڏيهي وزير سان ڊينمارڪ ۽ ٻين يورپي ملڪن قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي وزير پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چ??و ته مون کي ڊينمارڪ جي پرڏيهي وزير لارس لوڪي راسموسن ٽيليفون ڪ??ي ۽ مون کيس ڊينمارڪ ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي واقعن تي گهري ??ڻتي جو اظهار ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري ??ينمارڪ جي حڪومت پاران مسلمان دنيا تائين پهچ جو اعتراف ڪندي ۽ ان ڪڌي ڪاررواي?? جي مذمت ڪئي. هن سڄي دنيا جي مسلمان?? جي جذبن کي ٺيس پهچائيندڙ اسلامو فوبڪ ڪاررواين کي روڪڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چ??و ته بين ??لم??اهب هم آهنگي ۽ مذهبي رواداري ??ي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي.