اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير ڊيموڪريٽڪ فريڊم پارٽي جي باني ۽ اهم اڳواڻ شبير احمد شاهه سميت غيرقانوني طور تي نظربند ٻين هزارين ڪشميري سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي آزادي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڀارت انهن جي ڊگهي قيد کي ختم ڪري جن جو ”بنيادي ڏوهه“ انهن جي ناقابل تنسيخ خودمختياري جي حق جو مطالبو ڪرڻ آهي. پرڏيهي آفيس جي تر??ما?? ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته انهن سياسي قيدين کي آزاد ڪيو ??ڃي ۽ انهن تي هنيل هٿ ٺوڪين الزامن کان انهن کي آزاد ڪيو وڃي. تر??ما?? چيو ته شبير احمد شاهه هن مهيني پنهنجي مسلسل نظربندي جا 6 سال مڪمل ڪري ورتا آهن ۽ هو هن وقت نئين دهلي جي بدنام ز??انه تهاڙ ??يل ۾ قيد آهي. تر??ما?? چيو ته شبير احمد شاهه پنهنجي سياسي خيالن جي ڪري 36 سال جيل ۾ گذاري چڪو آهي. هن چيو ته شبير احمد شاهه جي قيد جو ڪل مدو ان جي زندگي جي اڌ کان وڌيڪ آهي، ان کي انساني حقن جي عالمي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل بجاطور ”ضمير جو قيدي“ ??را?? ڏنو آهي.