اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٽن بلز جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي اسلام آباد (ترميمي) بل 2023ع جي منظوري ڏني، بل جو مقصد ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي اسلام آباد 2013ع ترميم ڪرڻ آهي. صدر پيٽروليم (ترميمي) بل 2023ع ??ي به منظوري ڏئي ڇڏي. ان بل جو مقصد پيٽروليم ايڪٽ 1934ع ۾ ترميم ڪرڻ آهي. صدر عارف علوي پاڪستا?? نرسنگ ڪائ??نس?? (ترميمي) بل 2023ع ??ي به منظوري ڏني. بل جو مقصد پاڪستا?? نرسنگ ڪائ??نس?? ايڪٽ 1973ع ۾ ترميم ڪرڻ آهي. صدر بلز جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڏني.