اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 4 ۽ 5 مئي تي ڀارت جي شهر گوا ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ??ائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ??ائونسل جي موجوده سربراهه ڀارت جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ايس جي شنڪر جي دعوت تي ايس سي او جي پرڏيهي وزيرن واري اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس موجب اجلاس ۾ اسان جي شرڪت شنگهائي تعاون تنظيم جي چارٽر ۽ عمل جي لاءِ پاڪستان جي عز?? ۽ ان جي اهميت جي عڪاسي ڪري ٿي جيڪا پاڪستان پنهنجي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن ۾ خطي جي لاءِ ڏي ٿو. بيان ۾ چيو ??يو آهي ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ??ذريل سال جولاءِ ۾ تاشقند ۾ ٿيندڙ ??رڏيهي وزيرن واري ??ائونسل جي آخري اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪئي هئي.