اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف برساتن جي صورتحال تي وفاقي ۽ صوبائي ادارن کي الرٽ رهڻ ۽ شهرين جي مدد جا سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ع??ام جي جان ۽ مال جو تحفظ اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊي?? ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز کي صورتحال جي ڪڙي نگراني جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته وفاقي ادارا صوبائي حڪومتن ۽ ادارن جي حصيداري عمل سان ڪم ڪن، جتي جنهن شيءَ جي ضرورت هجي، ع??ام جي تحفظ ۽ مدد جي لاءِ فراهم ڪئي وڃي ۽ جتي ضرورت آهي اتي ع??ام کي فوري محفوظ علائقن ۾ منتقل ڪيو وڃي. وزيراعظم نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي بين الصوبائي قومي رستن جي مانيٽرنگ جي پڻ هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم لسٻيلا ۾ ڪوئيٽا ڪراچي رستي ۽ بولان ۾ ڪوئيٽا سبي رستي تي ٽريفڪ جي رواني ۽ ع??ام جي سهولت لاءِ موثر انتظام يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته مختلف رستن ۽ متاثر علائقن ۾ ع??ام کي خبردار رکيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ع??ام جي جان ۽ مال جو تحفظ اولين ترجيح آهي. برساتن جي صورتحال ۾ شهري خدمتن جا سمورا ادارا الرٽ رهن، قومي جذبي ۽ ذميواري جي احساس سان ڪم ڪن. وزيراعظم ع??ام کي به اپيل ڪئي ته موسمي شدت جي صورتحال ۾ احتياطي تدبي??ون اختيار ڪن ۽ حڪومتي ادارن سان تعاون ڪن.