ڪراچي – 17 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آرٽس، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي اردو يونيورسٽي جي سينيٽ جي خالي ??اي?? جي لاءِ ميمبرن جي نامزدگي ۾ غيرمعمولي دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اهم ??اي?? ۽ فورمز تي نامزدگي ۽ مقرري جو عمل لاڳاپيل فورم جو مدو ختم ٿيڻ يا ميمبر جي رٽائرمينٽ کان اڳ شروع ڪرڻ تي زور ڏنو آهي ته ??يئن اهم نوعيت جي سمورن معاملن ۾ خلل ۽ دير نه ٿي سگهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس ڪراچي ۾ منعقد آرٽس، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي اردو يونيورسٽي جي سينيٽ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. هايئر اي??وڪيشن ڪميشن جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر مختار احمد، وفاقيو اردو يونيورسٽي جي وقتي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ايم ضياءَ الدين، يونيورسٽي جي سينيٽ ميمبرن ۽ وفاقي تعليم ۽ پيسيواراڻي تربيت واري وزارت جي نمائندن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ته وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي جو هڪ باوقار اعليٰ تعليمي ادارو آهي ۽ ان کي درپيش مختلف مسئلن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي ته ??يئن اداري جي انتظامي ۽ تعليمي ونگز جي بنا رڪاوٽ ڪارڪردگي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزارت کي وڌيڪ دير کانسواءِ نامزدگين جي عمل کي تيزي سان اڳتي وڌائڻ گهرجي. صدر ايڇ اي سي ڪميٽي جي رپورٽ جو پڻ نوٽيس ورتو جنهن ۾ تعليمي ۽ انتظامي عهديدارن جي چونڊ ۽ مقرري ۽ ٻين معاملن ۾ بي ضابطگين جي نشاندهي ڪئي وئي ۽ يونيورسٽي انتظاميا کي چيو ته ??ها تفصيلي رپورٽ پيش ڪري ۽ بي ضابطگين ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف ذميواري جو تعين ڪري. ايڇ اي اي چيئرمين اجلاس کي انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ ۽ يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ بي ضابطگين کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي وفاقي اردو يونيورسٽي جي سينيٽ ميمبرن اتفاق ڪيو ته ??ينيٽ ۽ اڪيڊمڪ ڪائونسل سميت سمورن اهم فورمن کي وقت سر ۽ فوري ??يص??ا ڪرڻ جي لاءِ مڪمل طور تي فعال بڻايو وڃي.