انقره – 16 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستاني عوام پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن وانگر زلزلي جي تباهين ۽ انساني جانين جي زيان جي درد ۽ ڏک کي محسوس ڪيو آهي، ترڪيه ۾ زلزلي متاثر آخري شخص جي مڪمل بحالي تائين پاڪستان جي عوام سک سان نه ويهندي جڏهن ته ترڪيه جي صد?? رجب طيب اردوان پاڪستان پاران زلزلي متاثرين جي مدد تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صد?? رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪئي. انقره ۾ صد??رتي ڪمپليڪس پهچڻ تي صد?? رجب طيب اردوان وزيراعظم جو استقبال ڪيو. ترڪيه جي صد?? سان ملاقات ۽ وفدن جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم ترڪيه ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي جي نتيجي ۾ هزارين قيمتي جانين جي زيان ۽ بنيادي ڍانچي کي پهچندڙ وڏي نقصان تي ترڪيه جي صد?? ۽ ترڪ قوم سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. 6 فيبروري تي ترڪيه جي مختلف علائقن کي ان تباهي آڻيندڙ زلزلي پنهنجي لپيٽ ۾ ورتو. پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳا??ن کي ياد ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستاني عوام پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن وانگر انهن جي درد ۽ ڏک کي محسوس ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عوام ان وقت تائين آرام سان نه ويهندي جيستائين زلزلي کان متاثر علائقن ۾ آخري شخص جي مڪمل بحالي نٿي ٿي وڃي. صد?? اردوان تباهي آڻيندڙ زلزلي جي ڏس ۾ ترڪيءَ جي لاءِ پاڪستان جي ٺوس حمايت تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن ان ڳالهه کي ورجايو ته پرعزم ترڪ قوم هن قدرتي آفت مان اڳ کان وڌيڪ طاقت ۽ عزم سان نڪرندي. وزيراعظم ترڪيه ۾ ايندڙ شديد زلزلي جي ڏس ۾ ترڪيه سان پاڪستان جي يڪجهتي ۽ حمايت جي اظهار لاءِ خصوصي طور تي ترڪيه جو دورو ڪري ??هي?? آهي. وزيراعظم زلزلي کان متاثر علائقن جو دورو پڻ ڪندو ۽ اتي موجود پاڪستاني ريسڪيو ۽ ريڪوري ٽيمن سان ملاقات پڻ ڪندو. وزيراعظم سان گڏ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزي?? مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ پڻ آهن.