اسلام آباد ??? 09 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير ??لاول ڀٽو زرداري ۽ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جو سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ اڄ ڇنڇر ڏينهن پرڏيهي آفيس ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان مو??ب اسلامي تعاون تنظيم جو سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ پرڏيهي وزير ??لاول ڀٽو زرداري جي دعوت تي 10 کان 12 ڊسمبر تائين پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو ڪري رهيو آهي. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي دوري دوران 5 رڪني وفد جي قيادت ڪندو، نومبر 2021ع ۾ عهدو سنڀالڻ کانپوءِ هي سندس پاڪستان جو پهريون باقاعده دورو آهي. او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل دوري دوران وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ??ان وفدن جي سطح تي ملاقات ڪندو، هو ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير ۽ واپار واري وفاقي وزير ??ان پڻ ملاقات ڪندو. او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو پڻ ڪندو. ٻطرفي ڳالهه ٻ??لهه دوران او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل ۽ پرڏيهي وزير ??و آءِ سي جي ايجنڊ اتي مو??و ڄمون ۽ ڪشمير ??ڪرار، اسلامو فوبيا ۽ افغانستان ۾ انساني صورتحال سميت ٻين معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا.