آستانه – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ ويجهي تع??ون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته توانائي جو شعبو موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي جڏهن ته وزيراعظم ۽ آذربائيجان جي صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ تع??ون جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ۾ تيزي آڻڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? سيڪا ڪانفرنس جي ڇهين سربراهي اجلاس جي موقعي تي آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن واپار، سيڙپڪاري، تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سيڪيورٽي، زراعت، رابطي ۽ توانائي جي شعبن ۾ تع??ون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ ويجهي ۽ خوشگوار ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم شهباز ??ري?? صدر عليوف کي پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر لکين ماڻهن جي بحالي ۽ غيرمعمولي موسمياتي تبديلي جي ڪري قدرتي آفتن سان تباهه ٿيندڙ انهن جي روزگار جي بحالي لاءِ حڪومتي ڪوششن کان پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سان بيٺل فصل کي پهچندڙ نقصان ۽ ايندڙ ڪٽائي جي موسم ۾ پوکيءَ نه ٿيڻ سان ملڪ ۾ خوراڪ جي کوٽ جو خطرو وڌي ويو آهي، ان خطري کان بچڻ ۽ ملڪ ۾ زرعي پيداوار کي بحال ڪرڻ جي لاءِ يوريا جي درآمد ضروري هئي. آذربائيجان جي صدر ان ڏس ۾ پنهنجي مڪمل تع??ون جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم شهباز ??ري?? ڄمون ۽ ڪشمير تي آذربائيجان جي ٺوس موقف ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تي او آءِ سي رابطا گروپ جي ميمبر طور ان جي اڻٿڪ ڪردار کي ساراهيو. هن اڳوڻي نگورنو ڪاراباغ تي آذربائيجان سان پاڪستان جي اصولي حمايت کي ورجايو ۽ ڏکڻ قفقاز ۾ ڊگهي مدي ۽ پائيدار امن آڻڻ جي لاءِ صدر الهام عليوف جي ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل ڪارائتي تع??ون جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي مصروفيتن کي تيز ۽ گهرو ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو ۽ رابطي، واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ جاري مختلف قدمن جي اڳڀرائي جو جائزوورتو. وزيراعظم توانائي جي شعبي ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي تع??ون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جيڪو ان جي حڪومت جي لاءِ هڪ اعليٰ ترجيحي شعبو آهي. وزيراعظم پيٽروليم واري مملڪتي وزير کي آذربائيجان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي توانائي تع??ون جي لاءِ فوڪل پرسن نامزد ڪيو آهي جنهن گذريل مهيني باڪو جو دورو ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ تع??ون تي ڳالهه ٻولهه ۾ تيزي آڻڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم شهباز ??ري?? علائقائي رابطن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سربراهي سطح تي مشاورت جي تجويز پيش ڪئي جنهن جو مثبت جواب ڏنو ويو. سيپٽمبر 2022ع ۾ ثمرقند، ازبڪستان ۾ شنگهائي تع??ون تنظيم کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن جي هي ٻي ملاقات هئي جنهن پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ هم آهنگي جي عظيم روايت کي برقرار رکندي گهڻ رخي اقتصادي رابطن ۽ تع??ون کي متحرڪ ڪرڻ جو هڪ ٻيو نتيجاخيز موقعو فراهم ڪيو.