واشنگٽن-05 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان فنڊريزنگ تقريب دوران پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب تباهي تي روشني وجهندي چيو ته ٻوڏ سبب لکين ماڻهون بي گهر ٿي ويا آهن .انهن ۾ عورتن ۽ ٻارن کي شديد مشڪلاتون درپيش آهن جيڪي هن وقت عارضي پناه گاهن ۾ رهن ٿا. اها فنڊ ريزنگ تقريب ڪينيڊا جي چيريٽي تنظيم ريفيوجي گرلز ورلڊ وائڊ ( آر جي بليو ) جي اهتمام هيٺ منعق?? ڪئي وئي جيڪا ترڪي ، فلسطين ، يوڪرين، پاڪستان ۽ ڪيني??ا ۾ پناهگير عورتن جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. پاڪستاني سفارت خاني پاران جاري ڪيل پريس ريليز موجب هن چيو ته ماحولياتي تبديلن سبب پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب م??اث?? ماڻهون عارضي پناه گاهن ۾ رهڻ تي مج??ور آهن انهن کي هن وقت شديد مشڪلاتون درپيش آهن هن مشڪل وقت ۾ عالمي برادري جي فوري ڌيان جي ضرورت آهي تقريب ۾ اهم پاڪستاني شخصيتن ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير ۽ پاڪستاني سفارتخاني جي عهديدارن شرڪت ڪئي هنن خاص طور تي آفتن دوران ڇوڪرين جي بهتري لاءِ آر جي ڊبليو جي ڪاوشن کي ساراهيندي چيو ته گهٽ طبقي لاءِ اسان ج?? همدردي ۽ مدد اسان جي مذهب هجڻ ۽ انسان?? همدردي آهي پاڪستاني سفير چيو ته ٻوڏ سبب ٽي ڪروڙ 30 لک ماڻهون م??اث?? ٿيا آهن انهن مان 70 سيڪڙو کان به وڌيڪ عورتون ۽ ٻار شامل آهن جڏهن ته 6 لک ڳورهاري عورتن مان 2 هزار عورتون روزانو غير محفوظ ۽ غيرصحتمند حالتن ۾ ٻارن کي جنم ڏئي رهيون آهن . هن چيو ته معدي جي انفيڪشن ، ڊينگي بخار ، مليريا ۽ پاڻي مان پيدا ٿيندڙ ٻين بيمارين سبب تباهي جي اندر هڪ ٻي تباهي پيدا ٿي وئي آهي هن ٻوڏ سبب ريسڪيو اينڊ ريليف آپريشنز دوران امداد جي فراهمي تي آمريڪي حڪومت ، سول سوسائيٽي خاص طور تي سرهندي وارن ماڻهن ۽ پاڪستان آمريڪن ڪميونٽي جو شڪريو ادا ڪيو عالمي برادري تي زو ڏنو ته نيئن سر تعمير ۽ بحالي ۾ مدد لاءِ عزم جو ارادو ڪري ان موقعي تي آمريڪي پرڏيهي وزير سان ڪرسٽو فر جيسٽر ٻوڏ م??اث??ن لاءِ آمريڪي امداد جو حوالو ڏيندي چيو ته ٻوڏ م??اث??ن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير ممڪن بنائڻ لاءِ جديد طريقن جي ضرورت آهي پاڪستاني سفير مسعود خان پاڪستان جي موحولياتي تبديلي سبب م??اث?? ماڻهن لاءِ آر جي ڊبليو جي آفس هولڊرز جي ڀرپور ڪوشسن کي ساراهيو.