ڪراچي-30 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي قائم ڪيل رليف ڪميٽيءَ جو وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس م??عقد ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ جو چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر مح??د سهيل راجپوت، مڪاني کاتي جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فلاحي ادارن جي اڳواڻن ظفر عباس، صارم برني ۽ ٻيا به شريڪ ٿيا. پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير خورشيد احمد شاهه هدايت ڪئي ت?? شهرن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ وڏي ڊي واٽرنگ پمپ لڳايا وڃن ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ عوام کي گيسٽرو ۽ مليريا کان محفوظ رکڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. هن چيو ته فلاحي ادارن کي پيش ايندڙ مسئ??ن کي حل ڪنداسين. اجلاس ۾ مڪاني کاتي واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ٻُڌايو ت?? شهرن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ تيزيءَ سان ڪم ڪيو پيو وڃي، اهو تاثر غلط آه?? ته زمينن کي بچائڻ لاءِ ڪٽ لڳايا ويا هئا. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير جو پنهنجو ڳوٺ پڻ شديد متاثر ٿيو آه??، آبپاشي کاتي کي پاڻيءَ جي نيڪالي جي ذميداري ڏني وئي آه??، جڏهن ت?? شهري آبادين کان پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ مڪاني ادارن پاڻيءَ جي نيڪالي وارو ڪم ڪري رهيا آه??. صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي ملي ڪري ڪم ڪري رهيا آه??، جيڪا امداد پاڪستان کي ملي رهي آه?? اها اين ڊي ايم اي ۽ وفاق حوالي ڪئي وڃي ٿي، ان ۾ صوبائي نمائندگي پڻ موجود هوندي آه??. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر مح??د سهيل راجپوت ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ بابت آگاهي ڏيندي چيو ته منڇر مان پاڻيءَ جو وهڪرو گهٽ ٿي 117 فوٽ رهجي ويو آه??. هن ٻُڌايو ته هاڻ تائين 210 فوت ٿيل ماڻهن جي وارثن کي حڪومت طرفان اعلان ڪيل رقم ڏني وئي آه??، ٻوڏ سبب 432852 چوپايو مال مري ويو آه??.