اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ٻوڏ ??تاثرين ??ي ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن ۾ پوري طرح مصروف آهي، متاثرين ??ي بحالي ۽ نئين ??ر تعمير جي سنگين چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ تمام گهڻا وسيلا گهربل هوندا، پاڪستان ۽ آمريڪا جي گڏيل احترام، اعتماد ۽ افهام تفهيم تي ٻڌل لاڳاپن ۾ تعميري ۽ پائيدار رابطن جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب پاڪستان جي دوري تي ايل ڪانگريس وومن شيلا جيڪسن لي جي قيادت ۾ آمريڪي وفد وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ ڪانگريس مين ٿامس سوزي ۽ آل گرين ??امل هئا. ان موقعي تي وزيراعظم آمريڪي ڪانگريس جي وفد جي نازڪ صورتحال پاڪستان جي دوري کي ساراهيندي چيو ته حڪومت ٻوڏ ??تاثرين ??ي ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن ۾ پوري طرح مصروف آهي، 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، 1300 کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون، زراعت، لائيو اسٽاڪ، ملڪيتن ۽ انفراسٽرڪچر کي وڏي پئماني تي نقصان پهتو. هن چيو ته بحالي ۽ نئين ??ر تعمير دوران سنگين چئلينجز درپيش هوندا جن جي ل??ءِ تمام گهڻا وسيلا ۽ عزم جي ضرورت آهي، ان ڏس ۾ عالمي برادري پاران مسلسل حمايت، يڪجهتي ۽ امداد اهم آهي. وزيراعظم پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ موجود لاڳاپن م بهتري تي اطمينان جو اظهار ??ندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعميري ۽ پائيدار ??الهه ٻولهه جي ضرورت تي زور ڏنو جيڪي گڏيل احترام ۽ اعتماد تي ٻڌل هجن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪاربن جي سڀ کان گهٽ اخراج واري ملڪن ۾ شامل هجڻ جي باوجود موسمياتي تبديلين ??و شڪار آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ترقي يافته ملڪن کي پنهنجي آبهوا کي صاف شفاف بڻائڻ جي ل??ءِ اڳتي اچڻ گهرجي جنهن ۾ اسرندڙ دنيا ۾ موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي ل??ءِ اڳڪٿي موجب وسيلن جي فراهمي پڻ شامل آهي. وزيراعظم آمريڪا پاران ٻوڏ ??تاثرين ??ي ل??ءِ فراهم ڪيل امداد کي ساراهيندي چيو ته ڪانگريس جي وفد جو پاڪستان جي دوري ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي جي پئماني جي حوالي سان عالمي سطح تي آگاهي وڌائڻ ۽ وڌ کان وڌ امداد کي متحرڪ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. واضح رهي ته ڪانگريس جو ٽي رڪني وفد 4 سيپٽمبر کان پاڪستان جي دوري تي آهي. وفد ان دوران سنڌ جو دورو ڪيو ته جيئن نقصانن ۽ متاثرين ??ي تڪليفن جو جائزو وٺي سگهجي. وفد ان دوران اهم ڌرين ??ان ملاقاتون ڪيون ته جيئن متاثرين ??ي بحالي جي ڪوششن ۾ مدد جا طريقا ڳولي سگهجن. ڪانگريس وومين ??يلا جيڪسن لي ٻوڏ ??تاثرين ??اص طور تي پنهنجي پيارن کان وڇڙي ويندڙن جي ل??ءِ گهري همدردي جو اظهار ??ندي وزيراعظم شهباز شريف جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستاني قوم ان آفت ??ي عزم ۽ همت سان منهن ڏيندي. هن ان ڳالهه کي ورجايو ته آمريڪي ڪانگريس ۽ انتظاميا ان وڏي چئلينج ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهندي ۽ متاثرين ??ي تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ ۽ نئين ??ر تعمير ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪندي.