اسلام آباد – 06 –; سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪ جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ س??يلن جي لاءِ دنيا جي مختلف ملڪن ۽ عالمي ادارن پاران امدادي اڏامن جي پاڪستان اچڻ جو سلسلو جاري آهي، هيستائين 44 اڏامون متاثرين جي لاءِ امدادي سامان کڻي پاڪستا?? پهچي چڪيون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻنپهرن تائين ٻوڏ س??يلن جي لاءِ مجموعي طور تي گڏيل عرب امارات مان 16، ترڪيه مان 11، چين مان 4، ازبڪستان مان هڪ، قطر مان 3، فرانس مان هڪ، يونيسيف جون 2، گڏيل قومن جي پناهگيرن جي اداري (يو اين ايڇ سي آر) جون 5 ۽ ترڪمانستان مان هڪ اڏام پاڪستا?? پهچي وئي آهي.