ڪابڪوچ – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان جي دوري ۾ ٻوڏ کان م??اثر علائقن جي لاءِ 3 ارب رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو، ٻوڏ ۾ فوت ٿيندڙن جي پونيئرن کي 10 لک رپيا في خا??دان ڏنا ويندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽ?? جي چيئرمين ۽ گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽري کي ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ جي هدايت ڪ??ي. ??زيراعظم شهباز شريف گلگت بتلستان جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو صلاحڪار قمر زمان ڪائره ۽ وزيراعظم جو پبلڪپاليسي/ اسٽريٽجڪ ڪميونيڪشن وارو خاص معاون فهد حسين پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. وزيراعظم کي گلگت بلتستان حڪومت ۽ غذر جي ضلعي انتظاميا پاران بريفنگ ڏني و??ي. ??زيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٻوڏ کانپوءِ مجموعي طور تي 10000 ڪينال زرعي زمين م??اثر ٿي، 1000 کان وڌيڪ گهرن کي جزوي يا مڪمل طور تي نقصان پهتو. درجنين پليون، سوين واٽر سپلائي لائينون ۽ واٽر چينلز تباهه ٿيا. ان کانسواءِ ٻوڏ جي ڪري سوين ڪلوميٽر رستي جو بنيادي ڍانچو پڻ تباهه ٿي چڪو آهي. بريفنگ ۽ صورتحال جو جائزو وٺڻ کانپوءِ وزيراعظم اعلان ڪيو ته گلگت بلتستان ۾ ٻوڏ کان م??اثر علائقن ۾ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ 3 ارب رپيا ڏنا ويندا. وزيراعظم پاران ٻوڏ ۾ فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي 10 لک رپيا في خا??دان ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو. وزيراعظم غذر ضلع?? جي ڳوٺ بوبر جي ٻوڏ متاثرين سان ملاقات ڪئي. بوبر ڳوٺ جا 17 ماڻهو ٻوڏ ۾ فوت ٿيا. ڳوٺ بوبر جي ٻوڏ متاثرين ۾ خصوصي صلاحيتون رکندڙ ٻارڙي پڻ شامل هئي جنهن جي خا??دان جا ڪيترائي ماڻهو ٻوڏ ۾ وهي وڃڻ ڪري فوت ٿي ويا. وزيراعظم ٻارڙي سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ان جي علاج جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ جي هدايت ڪندي ان جي لاءِ 50 لک رپين جو اعلان ۽ ان جي نالي تي اينڊومنٽ فنڊ قائم ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪ??ي. ??زيراعظم جي هدايت تي ٻوڏ کان م??اثر 10 يونين ڪائونسلز جي متاثر خا??دانن کي 25000 رپيا في خا??دان ڏنا ويندا. وزيراعظم عذر ضلع?? جي ٻوڏ جي ڪري سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ڳوٺ بوبر جي لاءِ 100 ملين رپيا فنڊ ۽ وفاقي گرانٽ جي ذريعي ڳوٺ بوبر جي لاءِ 5 ڪلوميٽر پڪي رست?? جي تعمير جو اعلان پڻ ڪيو. ان کانسواءِ وزيراعظم نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي غذر ضلعي ۾ 6 تباهه ٿيل پلين جي تعمير ۾ مدد جي هدايت پڻ ڪ??ي. ??زيراعظم چيو ته نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين ۽ گلگت بلتستان جو چيف سيڪريٽري گڏجي فوري طور تي ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصان جو ڪاٿو لڳائين.