اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) حڪومت ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي لاءِ ڊونرز ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف هداي?? ڪئي آهي ته عالمي ادارن کي ملڪ ۾ ٻوڏ جي تباهين تي بريفنگ ڏني وڃي ۽ انهن کي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پا??ان جاري ريليف ۽ بحالي جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سرندي وارن کي پرائيم منسٽر فلڊ ريليف فنڊ ۾ دل کولي عطيا جمع ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آهي. بيان موجب وزيراعظم متاثر علائقن ۾ 40 هزار تنبو ۽ هڪ لک راشن جا پيڪ??ٽس فوري طور تي موڪلڻ جي هداي?? ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي ۽ آبادڪاري جي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. وزيراعظم لاڳاپيل سمورن ادارن کي متاثر علائقن ۾ ريليف ۽ بحالي جي ڪمن کي تيز ڪرڻ جي لاءِ ايمرجنسي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي پڻ هداي?? ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي مدد ۽ بحالي بابت معاملن تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ لاڳاپيل عملدارن جي اجلاس جي صدار?? ڪئي. اجلاس ۾ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، پنجاب جي صوبائي اسيمبلي ميمبر او??س لغاري، اين ڊي ايم اي چيئرمين جنرل اختر نواز ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪ?? ڪئي.