ڪراچي – 05 – آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪشمير جي آزادي جي ??دو??هد کي ڪڌي حربن سان دٻائي نه ٿو سگهجي، نه ئي ڏاڍ ۽ سختين سان ڪشميري ڀائرن جو رستو روڪي سگهجي ٿو. هن ڪشمير استحصال ڏهاڙي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڀارت ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي فوري بحال ڪري، مودي سرڪار پاران والاريل واديءَ ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالي جي سخت مذم?? ڪريون ٿا. هن چيو ته مودي سرڪار جي قدمن ۽ پاليسين سان خطي ۾ امن کي ??خت خطرا آهن، انساني حقن جون عالمي تنظيمون ۽ گڏيل قومون ان جو نوٽيس وٺن. هن چيو ته سنڌ جي عوام ڪشميري ڀائرن جي ??دو??هد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي سنڌ ۾ ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي لاءِ خصوصي پروگرام، ريليون منعقد ڪيون پيون وڃن ته جيئن ڪشمير مسئلي کي ??جاگر ڪري سگهجي ۽ نئين نسل کي ??ن با??ت آگاهي ڏئي سگهجي.