ڪراچي – 05 – آگسٽ (اي پي پي) سنڌ ??ي وقتي گورنر آغا سراج دراني چيو آهي ته ڀارت جي ??بضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام آزادي جي اظهار ۽ ٻين بنيادي حقن کان محروم آهي، ڀارت پنهنجي ??بضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل بڻائي ڇڏيو آهي. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي ??وقعي تي جاري بيان ۾ هن چيو ته 9 لک ڀارتي فوج پاران ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري گهيراءُ کي بنا ڪنهن دير جي ختم ڪيو وڃي، ڀارت جي 370 ۽ 35 اي ۾ تبديلي گڏيل قومن جي ??راردادن جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته ڀارتي قدم خطي جي امن ۽ استحڪام کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. گڏيل قومون ڀارت جي ??بضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حق بحال ڪرائي. سنڌ ??ي وقتي گورنر چيو ته ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي تحريڪ کي دٻائڻ مودي حڪومت ??ي وس جي ڳالهه نه آهي، جيستائين ڪشميرين کي آزادي نه ٿي ملي وڃي هڪ به پاڪستاني سک سان نه ويهندو. آغا سراج دراني چيو ته ياسين ملڪ ۽ مير واعظ عمر فاروق سميت سڀني حريت پسندن کي فوري آزاد ڪيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان مظلوم ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد جي ??ر ممڪن اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.